آخري اميد ڪتاب (ناول) جو ٽائيٽل

آخري اميد ڪتاب (ناول) جو ٽائيٽل

آخري اميد

آخري اُميد (ڪتاب ):اسلامي موضوع تي لکيل هي ناول سنڌ جي سداحيات ليکڪ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو آهي، جنهن کي تمام گهڻي پذيرائي حاصل ٿي. هي ناول سورهن بابن تي مشتمل آهي ۽ پهريون ڀيرو 1940ع ۾ عبرت ڪتابي سلسلي، اسلاميه دارالاشاعت حيدرآباد/ ميرپورخاص پاران شايع ٿيو. هن جو ٻيو ڇاپو 1944ع ۽ ٽيون ڇاپو 1946ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب جو چوٿون ڇاپو مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور پاران 2009ع ۾ شايع ٿيو آهي، جنهن ۾ 65 صفحا آهن. ڊيمي سائيز، ڪچي جلد ۽ رنگين ٽائيٽل سان ڇپيل هن ڪتاب جي قيمت 30 روپيه آهي. هن ڪتاب تي محمد عثمان ڏيپلائي جي لائق فرزند محمد علي ڏيپلائيءَ جو تفصيلي جائزو به لکيل آهي.


لفظ آخري اميدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو